تاريخ سنڌ (ارغون ۽ ترخان دور)

تاريخ سنڌ 10 (ارغون ۽ ترخان دور) (ڪتاب ):هيءُ ڊيمي سائيز جي 72 صفحن تي مشتمل ڪتاب، پروفيسر اعجاز قريشيءَ جو لکيل آهي، جيڪو سنڌ ريسرچ سوسائٽي، حيدرآباد، 1985ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هيءُ ڪتاب سهڻي پرنٽنگ پريس، الهندي ڪچي، حيدرآباد، ۾ ڇپيو ۽ ان جي قيمت ڏهه رپيا رکيل آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ مشهور تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ 7 باب، هيٺينءَ ترتيب سان شامل آهن: (1) تعارف (2) ارغون حملي جو پس منظر، (3) سما راڄ جو پس منظر، (4) سنڌ تي ارغونن جو حملو ۽ حڪومت، (5) ترخان دور جي شروعات، (6) ترخان دور حڪومت، ۽ (7) حرف آخر.


هن صفحي کي شيئر ڪريو